شهيد بينظير ڀٽو ميوزيم اينڊ آرٽ گئلري

شهيد بينظير ڀٽو ميوزيم اينڊ آرٽ گئلري: شهيد بينظير ڀٽو جي نالي سان قائم هي ميوزيم ۽ آرٽ گئلري، نوابشاهه ۾ سڪرنڊ روڊ تي ايم. ايڇ خواجا آڊيٽوريم ۾ قائم آهي. هن ميوزيم اينڊ آرٽ گئلري جو افتتاح 20 آڪٽوبر 2010ع تي فريال ٽالپر ڪيو. ان جي اڳيان تعمير ٿيل پارڪ 22700 چورس فوٽن جي ايراضيءَ تي پکڙيل آهي. عمارت ٻن حصن ۾ ورهايل آهي. هڪ حصي ۾ ميوزيم ۽ ٻئي حصي ۾ آرٽ گئلري آهي. ميوزيم ۾ چانهونءَ جي دڙو، بهم جي دڙو، ٺلهه مير رڪڻ ۽ ٻين قديم ماڳن تان هٿ آيل ٺڪر جو سامان، سِڪا ۽ نوادرات رکيل آهن. ان کان سواءِ مختلف ملڪن جون ٽپال ٽِڪليون، پراڻا نقشا ۽ ڪجهه قلمي نسخا پڻ رکيل آهن. قلمي نسخن ۾ خليفي محمد خان جماليءَ جو 1892ع جو هٿ سان لکيل قرآن شريف ۽ محمد قاسم نالي هڪ شاعر جي 1851ع ۾ ٽن زبانن عربي، فارسي ۽ سنڌي ۾ لکيل مدح شريف پڻ شامل آهن. ان کان سواءِ ٽالپرن جي دور جا هٿيار، جن ۾ منهن ڀرڻي بندوق ۽ تلوارون پڻ رکيل آهن. سون، چاندي ۽ لوهه جي گڏيل مقدار وارو هڪ پٿر پڻ هتي رکيل آهي ۽ هٿ جي هنر جا ڪيترائي نادر نمونا پڻ ميوزيم ۾ سجايل آهن. جڏهن ته عمارت جي ٻئي حصي گئلريءَ ۾ سڄي سنڌ جي فوتي ۽ حال حيات نامور شخصيتن جون تصويرون لڳل آهن. ميوزيم اينڊ آرٽ گئلريءَ جي اڳيان ڪشادو ۽ بهترين پارڪ آهي. هي ادارو ماڻهن لاءِ سڄو ڏينهن کليل رهي ٿو. هن جو انتظام تعليم کاتي جي حوالي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو